بلاول زرداري

بلاول زرداري: بلاول زرداري ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان نصير محمد خان ڪلهوڙي جي خاص اميرن ۽ وزيرن مان هو. ميان شاهه علي ڪلهوڙي جي شهادت 1068هه/1657ع کان پوءِ سندس ڀائٽيو ميان نصير محمد ڪلهوڙو تخت نشين ٿيو. ميان نصير محمد 1086هه/1675ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ حالتن کي مد نظر رکندي، هن کي 1092هه/1681ع ۾ آزاد ڪيو ويو ۽ هو سنڌ واپس پھتو، اهو سال ڪلهوڙن جي سنڌ ۾ حڪومت جي آغاز وارو سال آهي. ميان نصير محمد يارهن سال حڪومت هلائي 1103هه/1692ع ۾ وفات ڪئي. لاکاٽ تي قبضي کان پوءِ بلاول زرداريءَ کي اتي ئي ڪلهوڙن حاڪمن طرفان جاگير ڏني وئي. هي بھادر شخص هو. سندس وفات 1754ع ۾ ٿي. مٿس مقبرو اڏيل اهي، جيڪو نواب شاهه کان ٽن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي، جنھن کي ’بالو جا قبا‘ سڏيو وڃي ٿو. سندس پٽ سردار خان ۽ پوٽو دلاور خان زرداري هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن جي لشڪر ۾ هئا ۽ ٽالپر حاڪمن جي لشڪر سان وڙهندي جنگ ۾ شھيد ٿيا. ڪتاب ”ڪلهوڙا دور حڪومت“ ۾ غلام محمد لاکو لکي ٿو ته: ”مشھور سياستدان حاڪم علي زرداري ۽ آصف علي زرداري (پاڪستان جو اڳوڻو صدر) بلاول فقير جي خاندان مان آهن.“ هن جي نالي سان نوابشاهه ۾ بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ سميت ٻيا ڪيترائي ادارا قائم آهن.


لفظ بلاول زرداريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو